اسلام آباد – 24 فيبروري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين شهباز شريف، آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات تي تبصرو ڪندي چيو آ??ي ته انهن جي مُلاقات ڏسو انهن جا چهرا ڏسو، اهي عمران خان کي هٽائي پنهنجي اولاد ۽ مال جو سوچيندا يا قوم جو؟. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ه?? چيو ته سڀ ڦورو پاڪستان کي ڦرلٽ جو مال سمجهن ٿا انهن سمورن کي جيلن ۾ هجڻ گهرجي نه ڪي انهن کي اها اجازت ڏني وڃي ته ا??ي ملڪ جي خلاف سازشون ڪندا وتن.