اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين روزاني نئي بات جي گروپ ايڊيٽر عطاءُ الرحمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عطاءُ الرحمان ٻن ڏهاڪن کان قومي اخبارن ۾ ”تجزيه“ جي عنوان سان پنهنجي ڪالم ذريعي پڙهندڙن جي دلين تي ر??ڄ ڪندو رهيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم نئي بات جي ايڊي??ر طور پڻ پنهنجون صحافتي ذميواريون بهتر طريقي سان ادا ڪيون. هن دعا ڪئي ته الله تعا??يٰ مرحوم کي جنت ۾ اع??يٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.