اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي هنگو مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر خيال زمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حاجي خيال زم??ن انتهائي مخلص شخصيت جو مالڪ هو، حاجي خيال زمان جي پارٽي جي لاءِ اڻ??ڪ خدمتن کي سدائين ياد رکي?? ويندو. هن مرحوم جي گهرڀاتين ۽ پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي آهي.