اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ??وششون استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين، اسان جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پاليسي جي ڪري اڄ پاڪستان عالمي برادري جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. اها ڳالهه هن پرڏيهي وزارت ۾ اعليٰ سطحي ا??لا?? جي صدارت ڪندي چئي. پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن پڻ ا??لا?? ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کي عالمي سطح تي سرخرو ڪيو. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪا??ون??ل جي غيرمعمولي ا??لا?? جي موقعي تي انتهائي گهٽ وقت ۾ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته بهترين سفارت جي لاءِ معاشي پاڻڀرائپ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ??وششون استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين. ش??هه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪا??ون??ل جي 39 هين ا??لا?? جي ميزباني لاءِ تيار آهي، اسان جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پاليسي جي ڪري اڄ پاڪستان عالمي برادري جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. مخدوم ش??هه محمود قريشي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون انتهائي قابل سول سرونٽس ۽ سفيرن جي ٽيم جي سربراهي ڪري رهيو آهيان.