اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪارو??ار کي آسان بڻائڻ جي پاليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آن لائن اي تجارت ڪرائيندڙ گروپ ”د??از“ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر بجارڪ مائيڪلسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ”د??از“ جي چيف ايگزيڪيٽو مائيڪلسن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ اي تجارت جا بي پناهه موقعا ??وجود آهن جنهن مان ملازمت جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ به مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪارو??ار کي آسان بڻائڻ جي پاليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون فراهم ڪري رهي آهي. ”د??از“ جي سي اي او پاڪستان ۾ اي تجارت جي توسيع ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سينيٽر عون عباس بپي ”د??از“ جي ايم ڊي احسان سايا ۽ عماد خان به ملاقات ۾ موجود هئا.