اٽڪ – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اٽڪ ۾ جديد سهولتن سان ليس ماءُ ٻار اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب ماءُ ٻار اسپتال سان اٽڪ ضلعي جي 20 لک رهواسين خاص طور تي عورتن کي صحت جون معياري سهولتون ملنديون. پنجاب حڪومت 200 بسترن تي ٻڌل اها ماءُ ٻار اسپتال کي 2 سالن جي مدي ۾ مڪمل ڪندي. ڄاڻايل منصوبي جي ڪل لاڳت 5.3 ارب ر??يا آهي جنهن جي لاءِ اڌ رقم 2.66 ارب ر??يا وفاقي حڪومت پنجاب صوبي کي جا??ي ڪري چڪي آهي.