اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته هن وقت ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج فيڪ نيوز آهي، خبر پکيڙڻ جا ذريعا وڌيڪ هجڻ سان فيڪ نيوز جو مسئلو شروع ٿيو، ڀارت ۾ 785 اهڙيون ويب سائيٽس آهن جيڪي پاڪستان جي خلاف فيڪ نيوز پکيڙي رهيون آهن، ڀارت مينار پاڪستان واقعي کانپوءِ پاڪستاني معاشري تي اجائي تنقيد ڪئي، پهرين دورن ۾ خبر ملڻ مشڪل هو، هاڻي سچي ۽ ڪوڙي خبر ۾ فرق ڪرڻ مشڪل آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي حوالي سان عالمي سطح تي قانون ٺاهڻا پوندا، فيڪ نيوز جي باري ۾ ميڊيا جي اندر مباحثو ضروري آهي، خبر ڏيندڙن جي صحيح تربيت هجڻ گهرجي، هڪ ذميدار ميڊيا ئي آزاد ميڊيا هوندو، ميڊيا جيڪڏهن ذميدار نه آهي ته آزاد نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب نيوز جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??. چوڌري فواد حسين ??يو ته اڄ ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج فيڪ نيوز آهي، پهرين خبر پکيڙڻ جا ذريعا محدود هئا، ماڻهن کي اصل خبر تائين پهچڻ ۾ وقت لڳندو هو پر هاڻي خبر پکيڙڻ جا ذريعا وڌيڪ ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري فيڪ نيوز جو به مسئلو وڌي رهيو آهي. هن ??يو ته 1990ع جي ڏهاڪي کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ انقلاب آيو ته خبر پکيڙڻ جا ذريعا به وڌندا ويا، هاڻي فيڪ نيوز ۽ اصل خبر ۾ توازن پيدا ڪرڻ جو مسئلو درپيش آهي جيڪو موجوده دور ۾ ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، هن ??يو ته ميڊيا ۾ فيڪ نيوز جو بحران ٽيڪنالاجي جي ڪري آهي، ج??ڙي طريقي سان ٽيڪنالاجي وڌي، فيڪ نيوز جي حوالي سان اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت ۾ به اضافو ٿيو، وفاقي وزير ??يو ته خبر ڏيندڙن جي تربيت ضروري آهي ته جيئن هو اصل ۽ جعلي خبر ۾ فرق ڪري سگهن. چوڌري فواد حسين ??يو ته تازو ئي پينڊورا ليڪس جو معاملو سامهون آيو ته سوشل ميڊيا تي پي ٽي وي جي بينر سان هڪ فيڪ نيوز جاري ٿي جنهن ۾ هڪ سياستدان جي صاحبزادي جي آف شور ڪمپنين جو ذڪر ڪي?? ويو، اها خبر پرائيويٽ ميڊيا بنا ڪنهن تصديق جي هلائي ڇڏي جيڪا تيزي سان هر جاءِ ت?? پهتي، هن ٻڌايو ته آمريڪا ۾ صدر اوباما 2013ع ۾ ??يو هو ته جديد دور ۾ حڪومتن کي سڀ کان وڏو چئلينج فلو آف انفارميشن جو آهي ڇو ته ان کي پارٽين، حڪومتن ۽ ملڪن جي خلاف استعمال ڪي?? ويندو آهي، هن ٻڌايو ته ڀارت غير سياسي واقعن کي سياست جي لاءِ استعمال ڪي??، ڀارت 785 ويب سائيٽس جي ذريعي پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا ڪي??، غلط خبرون هلايون، اهي ويب سائيٽس ڀارت جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي اين آءِ سان لنڪ هيون ۽ اها هندستان جي وڏن چئنلز سان لنڪ هئي. انهن جو ڪم صرف پاڪستان جي باري ۾ فيڪ نيوز جنريٽ ڪرڻ هو ۽ هاڻي به اهڙو ئي ڪي?? پيو وڃي، هن ??يو ته اسلام آباد ۾ نور مقدم ڪيس ۽ لاهور ۾ مينار پاڪستان واقعي جو سياست سان ڪو به لاڳاپو نه هو پر هڪ ڀارتي ويب سائيٽس صرف اهو ٻڌائڻ جي لاءِ ت?? پاڪستان ۾ عورتون ڪيتريون غير محفوظ آهن، ان تي 175 ويڊيوز تيار ڪي??ن، انهن واقعن تي لکين ٽوئيٽس ٿيا، سوشل ميڊيا تي خبرون هليون، ڪجهه پاڙيسري ملڪن جي انٽيلي جنس نيٽ ورڪ کان کين سپورٽ ملي، اسان جو پنهنجو ميڊيا به ان ۾ شامل ٿي ويو، هن ??يو ته دهلي ۾ ريپ ڪيس ٿيو، هندستان چوڻ شروع ڪري ڇڏيو ته اهو صرف دهلي ۾ نه هر جاءِ ت?? ٿي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته 1996ع ۾ ڀارت ۾ اجيت دوول ڪشمير جي جدوجهد کي انتهاپسندي سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، هن هڪ فيڪ واقعو جوڙيو جنهن ۾ ڪجهه غير ملڪي سياحن کي اغوا ڪي?? ويو ۽ ان جو الزام ڪشميري حريت پسندن تي لڳايو ويو، ان کانپوءِ هڪ مهم شروع ڪئي وئي جنهن ۾ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي اسلامڪ دهشتگرد تنظيمن سان جوڙيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??يو ته خبر کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪي?? وڃي ته اصل ۽ جعلي خبر ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، ان باري ۾ صحافين جي تربيت هجڻ گهرجي. هن ??يو ته جڏهن هو 2018ع ۾ اطلاعات جو وزير بڻيو ته اسان جو ڊجيٽل ميڊيا ايترو مضبوط نه هو، هن ٻڌايو ته هو 2015ع کان پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا جا معاملا ڏسي رهيو هو، اسان وٽ پي ٽي آءِ ۾ سوشل ميڊيا جا ماڻهو حڪومت کان گهڻا اڳتي هئا، اسان پنهنجي سوشل ميڊيا کي جديد بڻائڻ جو فيصلو ڪي??، هاڻي الحمد الله اسان جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ جو مقابلو ڪنهن به عالمي ڊجيٽل ميڊيا سان ڪري سگهجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اسان سرڪاري خابرو اداري اي پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي ۾ تبديل ڪي??، هن ٻڌايو ته افغانستان ۾ تازي بحران جي دوران ڪيتريون ئي متضاد خبرون اچي رهيو هيون، ان وقت کان اسان ڪوشش ڪئي ته قومي ۽ عالمي ميڊيا تي اصل صورتحال کان آگاهه رکيو وڃي، هاڻي به اسان جي اها ئي ڪوشش آهي، هن ??يو ته عالمي سطح تي ڪجهه قانون ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ اظهار راءِ جي آزادي سان گڏوگڏ ذميداري جو عنصر به شامل هجڻ گهرجي. وفاقي وزير ??يو ته آمريڪا ۽ برطانيه سميت يورپي يونين آن لائن سيڪيورٽي رولز متعارف ڪرايا آهن، آمريڪا جي اندر نئين قانونسازي ٿي آهي، اسان کي ان طرف اڳتي وڌڻو پوندو، هن ??يو ته ميڊيا جي اندر فيڪ نيوز تي ايترو بحٿ ناهي ٿيندو جيترو ٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير ??يو ته عرب نيوز ان اهم موضوع جي چونڊ ڪئي آهي جنهن تي ان جو ٿورائتو آهيان. هن ??يو ته ميڊيا کي فيڪ نيوز جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ذميداري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، هڪ ذميدار ميڊيا ئي آزاد ميڊيا هوندو، ميڊيا جيڪڏهن ذميدار ناهي ته آزاد نه آهي. هن ??يو ته فيڪ نيوز جي حوالي سان اڃان تائين حڪومت ئي حل سامهون آندا آهن اصل حل ميڊيا جي اندر کان ايندو ته ڪ??ڙي طرح فيڪ نيوز کي منهن ڏنو وڃي.