اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ت?? خطي جي سطح تي واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم اهم پليٽ فارم آهي، ڀارت اسپائيلر جو ڪردار ڇڏي امن ڪوششن جو حصو بڻجي. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس 2021ع ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان دوشنبي ۾ مقامي ۽ عالمي ميڊيا عيوضين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪاسا 1000، تاپي گيس پائيپ لائين ۽ ريل لنڪ منصوبا سڄي خطي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن.
شاهه محمود قريشي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراه اجلاس جي موقعي ت?? پاڪستان، روس، ايران ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن عجو اجلاس ٿوي. جنهن ۾ افغان صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن افغ??نس??ان ۾ صورتحال خراب ٿئي ٿي ت?? بين ال??قوامي دهشتگرد تنظيمن کي پنهنجو نيٽ ورڪ وڌائڻ جو موقعو ميسر اچي سگهي ٿو.
هن چيو ته افغ??نس??ان گذريل ٻن سالن کان سوڪهڙي جو شڪار آهي جيڪڏهن ان جو حل نه ڪڍيو ويو ته ??نس??ني بحران جنم وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي هن اجل??س وسيلي اسان مشاورت سان علائقائي سطح تي افغ??نس??ان جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهون ٿا. منهنجي راءِ مطابق ڀارت پاڪستان تي ال??ام هڻڻ واري روش ڇڏي نئين حقيقي کي منهن ڏئي.
هن چيو ته افغ??نس??ان ۾ پيش ايندڙ حالتن ۽ واقعن جي بنيادي ذميداري افغ??نس??ان جي اڳوڻي ناڪام حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. هندوستان، دوحه ۾ ٿيل بين ال??فغان ڳالهين جي ڪاميابي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل رهيو. ڀارت کي گهرجي ت?? اسپائيلر جو ڪردار ڇڏي خطي جي امن ۽ استحڪام کي نظر ۾ رکندي امن ڪوششن جو حصو بڻجي.