اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان روم ۾ قائم گڏيل قومن جي خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ايم بيسلي خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم خوراڪ واري عالمي اداري جي ان ڪردار جي ??اکاڻ ڪئي جيڪو هو هنگامي حالتن ۾ عالمي انساني همدردي جي ادارن کي خوراڪ جي ??دد فراهم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن ۾ خوراڪ ۽ غذائي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پاڻ وٽ هتي هلندڙ خوراڪ واري عالمي اداري جي ??ختلف منصوبن مان مستفيد ٿيندو رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان خوراڪ واري عالمي اداري سان حصيداري جي ??در ڪري ٿو. وزيراعظم ۽ خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي ??چ ۾ ملاقات ۾ افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم افغانستان ۾ جامع حڪوم?? جي جوڙج?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي افغانستان سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن جنهن جي ??تيجي ۾ افغانستان ۾ ڪنهن به انساني الميي کان بچي سگهجي ??و ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ??و، خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گڏيل قومن جي ??رلڊ فوڊ پروگرام پاران افغانستان ۾ خوراڪ جي ??دد لاءِ پاڪستان جي سه??لتي ڪردار تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن افغانستان جي عوام کي انساني همدردي تحت مدد جاري رکڻ جي طريقن تي وزيراعظم سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.