اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مسلم ڪانفرنس جي صدر سردار عتيق احمد خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وزير علي امين گنڊاپور، پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي ۽ پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري عامر ڪياني پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي ايندڙ چو??ڊن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ فيصلو ٿ??و ته آزاد ڪشمير جُون ٻئي وڏيُون سياسي پارٽيون (پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ڪانفرنس) پنهنجي پنهنجي منشور موجب چو??ڊن ۾ شريڪ ٿينديون.