اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئين داسو ڊيم جي تعمير لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ انجنيئرز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ اهو منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان مستقبل ۾ ملڪ کي سستي بجلي دستياب هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن داسو ڊيم جي تعميرا??ي ڪم جو جائزو وٺڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم زير تعمير ڊيم جي مختلف حصن ۽ ٽنل جو معائنو ڪيو، هن چ??و ته اهو هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن کي انجام ڏيڻ تي آئون غير ملڪي انجنيئرز سميت سمورن ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چ??و ته ان منصوبي سان ملڪ کي سستي بجلي ملندي، ان طرح جا منصوبا گهڻو پهرين شروع ٿيڻ گهرجن ها ته جيئن ملڪ لاءِ سستي بجلي دستياب ٿئي ها. جهڙي طرح منگلا ۽ تربيلا مان ملڪ کي سستي بجلي حاصل ٿي ۽ پاڪستان جي صنعتن کي ان مان فائدو کڻ?? جو موقعو مليو ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن ٿيو، وزيراعظم چ??و ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ملڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.