اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ بنا سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪري وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪاروباري سرگرمين، ترقياتي ڪمن ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جو جائزو ??رت??. وزيراعظم ٺيلهو هڻندڙن سان ملاقات ڪري انهن کان حالتون معلوم ڪيون، شهرين وزيراعظم کي اوچتو پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان بنا پروٽوڪول گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪري جي اليون مرڪز جو دورو ڪيو جتي هن ٺيلهي وارن کان انهن جون حالتون معلوم ڪيون، ٺيلهي وارن احساس پروگرام تحت جڳهه فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته توهان پهريان وزيراعظم آهيو جنهن عام مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جو احساس ڪيو، ٺيلهي جي لاءِ جڳهه فراهم ڪرڻ تي حڪومت جا ٿورا مڃون ٿا، وزيراعظم عمران خان ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي تاڪيد ڪئي ۽ چيو ته سڀ ماسڪ جو استعمال لازمي ڪن ۽ ڪاروبار سان گڏوگڏ پاڻ کي ان وبا کان به ??چائين، وزيراعظم ضرورت جي شين جي قيمتن جو پڻ جائزو ??رت??، شهرين وزيراعظم کي اوچتو پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو، وزيراعظم پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪندي ۽ عام شهري وانگر سگن??ز تي رڪندي آئي نائين پڻ ويو جتي هن سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ جو پڻ معائنو ڪيو.