اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پور?? گلگت بلتستان کي عالمي معيار جو سياحتي ماڳ بڻائڻ جي ميگا پراجيڪٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تحت گلگت بلتستان جي سمورن شهري ۽ ٻهراڙي علائقن جي ماسٽر پلان تحت نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي، گهرن جا نقشا ۽ انهن جي جاءِ، گهٽين جو نظام، پاڻي جي نيڪاسي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي سان گڏوگڏ مختلف هنڌن تي سياحن جي سهولت لاءِ بنيادي ضرورتن جي فراهمي جا منصوبا شامل آهن.