اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽ?? جي چيئرمين سينيٽر مصطفيِ نواز کوکر جي سربراهي ۾ منعقد ٿيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڪميٽ?? جي اجلاس ۾ معصوم مسيحي ٻارڙ?? جي اغوا سميت ٻيا معاملا بحث هيٺ آيا، اجلاس ۾ فيصل آباد پوليس عملدارن ڪميٽي کي ٻارڙ?? جي اغوا جي حوالي سان جاچ عمل کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ٻارڙي جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائ?? کانسواءِ ٻي ضروري ڪارروائي اڪلائي وئي، ٻارڙ?? جي وارثن ان موقعي تي ٻڌايو ته فرح نالي ٻارڙيءَ ۽ ان جو ڀاءُ وقاص جاڙا آهن، ٻنه?? جي پيدائش جي تاريخ فارم (ب) ۾ لکيل آهي، ٻارڙ?? جي والد پوليس جي روي?? جي باري ۾ ڪميٽي کي شڪايت ڪئي، ڪميٽ?? جي چيئرمين ٻارڙ?? جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته ذميدارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪميٽي ايس ايس پي کي هدايتون ڏنيون ته ان پوري معامل?? جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪميٽي کي 6 جنوري 2021ع تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.