اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا اقتصادي اشارا مثبت آهن، روانگي واپار ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي ??حالي ۽ آٽو موبائيلز جو وڪرو وڌيو آهي، سمنڊ پار پاڪست??ني ملڪ جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ محب وطن آهن، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته معاشي صورتحال خراب هئي، اڌ کان وڌيڪ ٽيڪسز قرضن جي ??دائيگي تي خرچ ٿيندا هئا، ملڪ جو ڪر??ٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو، ج??ڪڏهن ماضي جي قرضن جو بار نه هجي ها ته صورتحال وڌيڪ بهتر هجي ها، گذريل چار مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو. موسمي حالتن جي ڪر?? ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي، آئنده ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ڪنهن به ق??م جي کوٽ نه هوندي، موثر معاشي پاليسين سان 17 سالن کانپوءِ ڪر??ٽ اڪائونٽ سرپلس رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ??هتمام هيٺ نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.