اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا طالبان ۽ افغان حڪومت جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، خطي جو مستقبل امن، تعاون ۽ واپار سان لاڳاپيل آهي، پاڪستان جي حڪومت فوج ۽ انٽيلي جنس ادارا افغانستان ۾ تشدد جي خاتمي ۽ امن لاءِ ڪوششون ??ري رهيا آهن، ڀارت سان دوستي جي ڪوشش ڪئي پر ڀارت نظرياتي طور تي اسان جي خلاف آهي ان لاءِ اسان جون ??وششون نتيجن واريون نه ٿي سگهيون، افغان عوام جيڪا به حڪومت چونڊي پاڪست??ن ان سان گڏ لاڳاپا مضبوط ڪندو، اسان کي ماضي مان سبق سکي مستقبل طرف وڌڻو پوندو. اهڙن خ??الن جو اظهار هن ٻن ڏينهن جي پاڪست??ن افغان واپار ۽ سيڙپڪاري فورم 2020ع جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.