اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) 52هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي انتظام هيٺ آفيسرن جي هڪ گروپ قانون ۽ انصاف واري وزارت جو ??ؤرو ڪيو. وزارت موجب انتظام هيٺ آفيسرن جو ??هو دؤرو پيشيوراڻي تربيت جي هڪ حصي طور تي هو. وزارت جي دؤري دوران تربيت هيٺ آفيسرن جي گروپ قانون ۽ انصاف واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ملاقات ڪئي، جنهن پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني کي وڌائڻ لاءِ وزارت جي ويزن ۽ عزم جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه جي مٽاسٽا ڪئي. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف وارو سيڪر??ٽر?? راجا نعيم اڪبر، ايڊيشنل سيڪر??ٽر?? اويس نعمان ڪنڊي ۽ سينيئر جوائنٽ سيڪر??ٽر?? زينت احمد به موجود هئي. ان دؤري ۾ وزارت جي متنوع ڪمن خاص طور تي جاچ، ڊرافٽنگ ۽ قانونسازي جي ڪردار باري ۾ تفصيلي بريفنگ شامل هئي. راجا نعيم اڪبر مُک قانوني فريم ورڪ جي باري ۾ تفصيلي پريز??نٽ??شن فراهم ڪئي جنهن ۾ صارفين جي تحفظ جي قانونن کي مضبوط بنائڻ ۽ ملڪيتن جي حقن کي اڳيان وڌائڻ ۾ وزارت جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو ويو. سيشن جو هڪ اهم حصو فوجداري قانون ۾ جاري سڌارن لاءِ وقف هو، جنهن جو مقصد شهرين لاءِ انصاف جي وڌيڪ اثرائتي نظام جي جوڙجڪ آهي. تربيت هيٺ آفيسرن کي قانوني طريقيڪار کي جديد بنائڻ ۽ سمورن شهرين لاءِ انصاف تائين پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ وزارت جي اسٽريٽجڪ قدمن جي باري ۾ ٻُڌايو ويو. هي دؤرو تربيت هيٺ آفيسرن لاءِ وزارت جي ڪاررواين ۽ پاليسين جي جوڙجڪ ۽ عملدرآمد ۾ ان جي اهم ڪردار کي جامع طور تي سمجهڻ جو ??ٺو موقعو هو. بريفنگ ۾ انصاف ۽ احسن حڪمرانيءَ جي طرز جي اصولن کي برقرار رکڻ لاءِ مختلف سرڪاري کاتن وچ ۾ سهڪار جي اهميت تي به زور ڀريو ويو.