اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي باباءِ قوم قائداعظم محمدعلي جناح کي قيا?? پاڪستان لاءِ سندس شاندار خدمتن تي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ??اڪستان جي قيام ۾ قائداعظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قائداعظم جهڙا سچا، ايماندار ۽ ديانتدار اڳواڻ ئي مل??ن جي تقدير بدلائيندا آهن. ا??حا??، ڀائيچاري، مذهبي رواداري ۽ گڏيل بقا اڄ جي ڏينهن جو پيغام آهي. قائداعظم جي پيدائش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته ??سلمان دنيا جي مدبر ۽ عظيم اڳواڻ قائداعظم کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هي ڏينهن پاڪستان کي قائد جي ويزن مطابق عظيم ملڪ بڻائڻ جي عهد جو ڏينهن آهي. محسن نقوي چيو ته ??ائداعظم اقلي??ن جي حقن ۽ مذهبي آزاديءَ جي اهميت تي زور ڀريو. قائداعظ?? پاڪستان اقلي??ن جي حقن جي تحفظ ۽ مذهبي رواداري جو علمبردار هو. گهرو وزير چيو ته ??ڪ قوم جي حيثيت سان اسان کي اقلي??ن جي حقن ۽ مذهبي رواداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪري اڳتي وڌڻو ۽ قومي مفاد ۾ ذاتي اختلافن کي پٺتي رکي وطن لاءِ سوچڻو آهي. هن چيو ته ??ائداعظم پنهنجي قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن لاءِ تاريخي ڌارا مٽائي، مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ آزاد مسلمان رياست جي خواب کي عملي جامو پهرايو. هن چيو ته ??ائداعظم جي اڻٿڪ جدوجهد جي ڪري اڄ اسان آزاد وطن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. قائداعظم جو اهو احسان قيامت تائين نٿا لاهي سگهون. گهرو وزير چيو ته ??اڪستان جي تخليق ۾ قائداعظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. قائداعظم تحمل، برداشت، مساوات ۽ رواداريءَ تي ٻَڌل معاشري جو خواب ڏٺو هو. اهڙي فلاحي معاشري لاءِ سڀني کيگڏجي پنهنجون توانائيون ڪتب آڻڻيون پونديون ته جيئن قائد جي خواب کي عملي جامو پهرائي سگهجي.