اسلام آ??اد – 10 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ آج ٽي وي گ??وپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شهاب زبيري جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته شهاب زبيري جي والده جي وفات جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، والده جهري عظيم هستي جو ڪو نعم البدل ناهي. هن چيو ته مرحومه جو لاڏ??ڻو وارثن لاءِ وڏو سانحو آهي، ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجا بلند فرمائي ۽ خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري.