رياض – 30 ??? آ??ٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل لاڀائتي تعاون جي لاءِ ويٽنام سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آه??. س??شل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته اٺين فيوچر انويسٽمنٽ انيشي ايٽ?? ڪانفرنس جي موقعي تي ويٽنام جي وزيراعظم فام من چن سان ملي خوشي ٿي. هن چيو ته اسان جي ڳالهه ٻولهه واپار، سيڙپڪاري ۽ ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ تي مرڪوز هئي، اسان آسيان سان پاڪستان جي تعاون کي مضبوط بڻائڻ سميت علائقائي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل لاڀائتي تعاون جي لاءِ ويٽنام سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.