راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گڏيل فوجي مشق دروزبا-7 جي شروعات ٿي وئي آهي. اها پاڪ- روس فوجن جي دهشتگردي جي خاتمي ??اري شعبي ۾ ستين ٻه طرفي گڏيل مشق آهي. مشق ۾ حصو وٺندڙ فوجي جٿا هڪٻئي جي گڏيل تجربن مان فائدو کڻندا. آءِ ايس پي آر موجب ٻه هفتن تائين جاري رهندڙ اهي مشقُون 13 آڪٽوبر تي نيشنل ڪائونٽر ٽيريرزم سينٽر پبي ۾ شروع ٿيُون. ڪمانڊنٽ نيشنل ڪائونٽر ٽيريرزم سينٽر افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته مشقن ۾ لائٽ ڪمانڊو ٽروپس ۽ روسي فوجي جٿ?? به شريڪ هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مشقن ??و مقصد گڏيل تربيت ذريعي پيشيوراڻي مها??تن ۽ دوست ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ فوجي لاڳاپن کي بهتر بنائڻ آهي.