اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي وزيراعظم ڪُهر رسول زاده ٻطرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ان ??لاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او، سي ايڇ جي جي سالياني اجلاس ۾ تاجڪستان جي فعال ۽ تعميري شرڪت کي ساراهيندي چيو ته بطور ڀائر ملڪن ۽ علائقائي حصيدار، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو پائيدار رشتو آهي. وزيراعظم هلندڙ سال جولاءِ ۾ دوشنبي جي پنهنجي نتيجاخيز دوري جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ ٻطرفي گڏيل لاڳاپن جي مثبت رخ طرف اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ ويجهي ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي مستحڪ?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاجڪ وزيراعظم ڪُهر رسول زاده شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئر جي حيثيت سان ??اڪستان ??اران اجلاس جي ڪامي??ب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏني. هن تاجڪ وفد ۽ ٻين شريڪ وفدن جي شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان ??وازي تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ??اران ??يڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي ڪوهر رسول زاده چيو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي وسيع صلاحيت موجود آهي جنهن مان ??ائدو کڻڻ جي لاءِ تاجڪستان، پاڪستان سان گڏجي ڪ?? ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. تاجڪ وزيراعظم وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪومت جا تاجڪستان کي پاڪستان ??ان کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ڏيندو.