اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان 15-16 آڪٽوبر 2024ع تي شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ??ڪو??تي سربراهن واري ڪائونسل جي 23??ين اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جو قيام 15 جون 2001ع تي چين، روس، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان گڏجي عمل ۾ آندو. شنگهائي سهڪار تنظيم هڪ م??تق?? بين ??ل??ڪو??تي عالمي تنظيم آهي، جنهن جو مقصد گهڻ رخي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ، امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نئين ??قتصادي عالمي نظام کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو آهي، ته ايس سي او ۾ شموليت کان پوءِ پاڪستان سٺن پاڙيسري لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مسلسل ۽ تعميري طور ڪم ڪيو آهي ۽ پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ قدرن لاءِپرعزم آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي فيصلي سازي واري اعليٰ اداري ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) آهي جنهن جو هر سال اجلاس منعقد ٿيندو آهي ۽ تنظيم جي سمورن اهم معاملن تي فيصلا ڪيا ويندا آهن. ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي جنهن جو بنيادي طور ڌيان ميمبر ملڪن وچ ۾ سماجي ۽ اقتصادي، واپاري ۽ مالياتي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي آهي. ڪائونسل جو اجلاس سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي جنهن ۾ گهڻ رخي سهڪار ۽ تنظيم جي اندر ترجيحي شعبن جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. اقتصادي ۽ ٻين ??عبن ۾ بنيادي ۽ موضوعاتي مسئلن جو تعين ڪيو ويندو آهي ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم جي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جو گذريل اجلاس 26 آڪٽوبر 2023ع تي بشڪيڪ ۾ منعقد ٿيو هو ۽ پاڪستان جي نمائندگي ان وقت جي نگران پرڏيهي وزير خليل عباس جيلاني ڪئي هئي. ڄاڻايل اجلاس ۾ پاڪستان 2023ع کان 2024ع تائين ??ڪو??تي سربراهن جي ڪائونسل جي صدارت به سنڀالي هئي. 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي سي ايڇ جي اجلاس ۾ چين ??ي وزيراعظم لي چيانگ، روس جي وزيراعظم ميخائيل ميشوسٽن، بيلا روس جي وزيراعظم رومن گولوچينڪو، قازقستان جي وزيراعظم اولزاس بيتتينوف، ڪرغيز وزيراعظم اڪيل بيڪتينوف، تاجڪستان جي وزيراعظم ڪوخير رسول زوده، ازبڪ وزيراعظم عبدالله اريپوف سميت شنگهائي سهڪار تنظيم جي ملڪن اڳواڻن جي شرڪت جو امڪان آهي. ايران جي پهرين نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرانيم جي شنڪر جي به شرڪت جو امڪان آهي. ٻين ??رڪت ڪندڙن ۾ منگوليا جو وزيراعظم يو يون ايرڊين لووسنامسرائي مبصر جي حيثيت ۽ ڪابينه جي نائب چيئرمين ۽ ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير راشد مير دوف مهمان خاص طور شريڪ ٿيندا. عالمي تنظيم جا نمائندا جن ۾ ايشيا ۾ تعامل ۽ اعتمادسازي جي قدمن جي ڪانفرنس (سي آءِ سي اي)، آزاد رياستن جي دولت مشترڪه ۽ يورپي اقتصادي برادري جي نمائندن پاران به ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جا امڪان آهن.