اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪ??ري ۽ ڪاروب??ري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان سڌارا ج??ري آهن، حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئي?? سيڙپڪ??ري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پيٽروليم شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ڪمپني گنور گروپ جي چيئرمين توربيون تورنقوسٽ ۽ ٽوٽل انرجيز جي ريجنل وائيس پريزيڊنٽ مهمت جيليپوعلو سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته الحمدالله پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪ??ري ۽ ڪاروب??ري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان سڌارا ج??ري آهن، اسان جي معاوشي ۽ ڪاروب??ري پاليسين جي مثبت ثمرن جو سلسلو ج??ري آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئي?? سيڙپڪ??ري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي. گنور گروپ جي چيئرمين توربيون تورنقوسٽ پاڪستان جي پيٽروليم سيڪٽر ۾ سيڙپڪ??ري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گنور گروپ پاڪستان ۾ ٽوٽل پارڪو جي 50 سيڪڙو شيئرز جو معاهدو ڪري چڪي آهي. گنور گروپ جي چيئرمين چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جي فروغ جي لاءِ مثبت قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گنور گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جي لاءِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئ??.