اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب بجلي ۽ توانائي جي شعبي جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن موجب ٽن ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي، نجي شعبي کي معيشت کي هلائڻ لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، حڪومت نجي شعبي کي سهولتن جي فراهمي لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي ڪي اليڪٽرڪ جي چيئرمين، بورڊ آف ڊائريڪٽرز مارڪ سڪيلٽن سان ملاقات ۾ ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي جي رهواسين کي سستي ۽ جٽادار توانائي جي فراهمي يقيني بنائڻ، ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڪراچي جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ڪمپني کي تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف منتقلي جي م??صوبن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي م??مبرن جاويد قريشي، مبشر ايڇ شيخ، مونس علوي، سي اي او عمران ق??يشي، چيف ريگيوليٽري افيئرز ??ام?? غزيني، چيف فنانشل آفيسر ۽ ناڻي ??زارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيم ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي جنريشن مڪس ۾ تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن کي شامل ڪرڻ جي م??صوبن بابت بريفنگ ڏني. ٽيم ناڻي ??اري وزير کي ڪراچي جي رهواسين کي بهتر خدمتن جي فراهمي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ طرفان کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. ناڻي ??اري وزير چيو ته بجلي ۽ توانائي جي شعبي جي بهتريءَ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي، ان ۾ ڊسڪوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، نجي شعبي مان پيشوراڻي م??ارت وارن ماڻهن کي آڻڻ، بورڊز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ مجموعي خدمتن کي بهتر بنائڻ لاءِ سرڪاري نامزدگين جي انگ کي گهٽ ڪرڻ شامل آهي. انهن سمورن سرڪاري ڊسڪوز ۽ جينڪوز ۾ نجي شعبي جي شرڪت يقيني بنائڻ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم جي ويزن مطابق 3 ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته نجي شعبي کي فعال بنائڻ ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ناڻي ??اري وزير ڪي اليڪٽرڪ طرفان توانائي جي پيداوار ۽ ڊسٽري بيوشن جي ڪمن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ توسيع وارن ق??من کي ساراهيو. هن تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف منتقلي ۽ سستي توانائي جي پيداوار لاءِ ڪوششن ۾ حڪومت طرفان مڪمل تعاون جي خاطري به ڪر??ئي.