اسلام آ??اد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زردار?? چي?? جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز جنرل ل?? چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. چي?? جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ??رڻ جي خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سميت سروسز چيفس ۽ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار پڻ شريڪ ٿيا. جنرل ل?? چيائو منگ کي پاڪ چين دفاعي لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ نمايان خدمت?? جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو آهي. تقريب ۾ جنرل ل?? چيائو منگ جي چار ڏهاڪ?? جي ڪيريئر ۽ چيني فوج ۾ ا?? جي نمايان خدمتن جو ذڪر ڪيو ويو. ا?? جي ذهانت، انتظامي مهارت ۽ جذبي کيس هڪ بهادر ۽ قابل آفيسر طور تي شهرت ڏني آهي جيڪو چين ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم آهي. جنرل ل?? چيائو منگ چي?? جي ڀرپاسي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي غيرمعمولي پيشيواراڻي مهارت جي لاءِ مشهور آهي. پاڪستا?? جي دوست جي حيثيت سان هن پختي عزم سان پاڪ چين فوجي لاڳاپن کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو. سندس اڻٿڪ خدمت?? جي اعتراف ۾ صدر آصف علي زرداري جنرل ل?? چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي.