اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزادي ڏهاڙي جي خو??ي جي موقعي تي سڄي ملڪ جي عوام ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته اسان جو مسلسل ڌيان پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ معاشي استحڪام تي آه??، پاڪستان جي وسيع قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ وسيع پيداواري صلاحيت رکندڙ شعبن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ قدمن سان روزگار جي موقعن، صنعتڪاري جي رفتار تيز ۽ ملڪ ۾ معاشي خوشحالي ايندي، ناڻي واڌ جي شرح 38 سيڪڙو مان گهٽ ٿي جولاءِ ۾ 11.1 سيڪڙو تي اچي وئي آه??، بجلي جي قي??تن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آه??ون. 78 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته آزادي جي ڏهاڙي جي خو??ي جي موقعي تي آئون سڄي ملڪ جي عوام ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، اڄ جي ڏينهن مون سميت پوري قوم پنهنجي ابن ڏاڏن ۽ تحريڪ پاڪستان جي انهن لاتعداد گمنام هيروز جي بي پناهه قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي جن ڏکڻ ايشيا ۾ ڪروڙين مسلمانن جي لاءِ هڪ آزاد ملڪ جتي اهي پنهنجي عقيدن ۽ قدرن موجب زندگي گذاري سگهن، قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته ملڪ پاڪستان علامه محمد اقبال جي تصور جي عين موجب 14 آگسٽ 1947ع تي قائداعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ ۽ ثابت قدم قيادت ۽ اسان جي وڏن جي بي مثال قربانين جي نتيجي ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ طور اڀريو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بانين جي بي لوث ۽ مسلسل جدوجهد جي ڪري پاڪستان انهن ڏکئي مشڪلاتن کي منهن ڏنو جيڪي ان کي شروعاتي مرحلي ۾ درپيش هيون. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران پاڪستان اهم سنگ ??يل عبور ڪيا آه??، قدرتي آفتن ۽ معاشي ۽ سماجي مشڪلاتن جي ذريعي پاڪستاني قوم جي همت ۽ استقامت جو امتحان ورتو ويو آه??، ان جي باوجود پاڪستان جي غيرتمند ۽ بهادر قوم جي عزم ۽ اتحاد جو جذبو سدائين غالب رهيو آه??. هن چيو ته آئون پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اسان جي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي اهم ڪردار کي پڻ ساراهيان ٿو، جيتوڻيڪ توهان پاڪستان ۾ پنهنجي گهرن کان هزارين ميل پري آه??و پ?? توهان هن ملڪ جو هڪ حصو آه??و جنهن جي اهميت ڪڏهن گهٽ نٿي ٿي سگهي، مون سميت پوري قوم کي توهان جي محنت ۽ ڪاميابين تي فخر آه?? ۽ اسان توهان کي پاڪستان جا حقيقي سفير مڃون ٿا ڇو ته توهان جتي به هجو دنيا آڏو پ??ڪستان جو مثبت تاثر قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آه??و. هن چيو ته آزادي ڏهاڙي جي هن موقعي تي آئون پنهنجي هٿياربند فوج جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جيڪا اسان جي سرحدن ۽ خودمختياري جي حفاظت ڪري ٿي، پاڪ فوج جي لازوال قربانين، فرض جي ادائيگي جي لاءِ سچي لگن ۽ وطن جي حفاظت جي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ جو جذبو انتهائي احترام ۽ تعريف جو مستحق آه??. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان پنهنجي آزادي جو جشن ملهايون ٿا ته اسان غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي بهادر ۽ غيرتمند ڪشميري ڀينرن ڀائرن کي پڻ ياد ڪريون ٿا جيڪي 7 ڏهاڪن کان پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ وڙهي رهيا آه?? ۽ بدترين ڀارتي رياستي ظلم کي منهن ڏئي رهيا آه??، پاڪستان غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ان وقت تائين مڪمل اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو جيستائين اهي پنهنجو بنيادي حق، خودمختياري جو حق حاصل نه ٿا ڪري وٺن، پاڪستان صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار معصوم فلسطينين جي پڻ انهن جي جائز حق حاصل ڪرڻ تائين حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان اڄ هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آه??، جيتوڻيڪ گڏيل قدرن، ڀرپور ثقافتي ورثي ۽ متنوع روايتن اسان کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي رکيو آه??، اسان جي معيشت کي ناڻي واڌ، توانائي جي وڌندڙ قي??تن، بيروزگاري ۽ قرضن جي بار جي شڪل ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش آه??. وزيراعظم چيو ته فيبروري 2024ع جي چونڊن کانپوءِ اقتدار سنڀالڻ کان وٺي اسان جو مسلسل ڌيان پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ معاشي استحڪام تي آه??، پاڪستان جي وسيع قدرتي وسيلن جا ذخيرا ۽ نوجوان افرادي قوت اسان جو حقيقي اثاثو آه?? ۽ سڀ کان وڏي طاقت آه??، اسان انهن وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ وسيع پيداواري صلاحيت رکندڙ شعبن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آه??ون جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، صنعتڪاري جي رفتار تيز ٿيندي ۽ ملڪ ۾ معاشي خوشحالي ايندي. هن چيو ته اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ عالمي معيار جي تعليم ۽ هنر جي فراهمي پڻ شامل آه?? جيڪا نه رڳو اسان جي نوجوانن کي وڌيڪ بااختيار بڻائيندي پر انهن کي چٽاڀيٽي عالمي معيشت ۾ برتري ۾ معاونت ڪندي، پاڪستان جي پوري ايڪو سسٽم کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ ۽ ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ جي قومي مهم جي آئون پاڻ نگراني ڪري رهيو آه??ان ته جيئن اهڙا ماڻهو جيڪي وقت سر ٽيڪس ادا ڪن ٿا انهن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته مختصر عرصي ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان جي ڪوششن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آه??، الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آه??، ناڻي واڌ جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11.1 سيڪڙو (جولاءِ) تي اچي وئي آه?? ۽ جلد ئي ان کي سنگل ڊيجٽ تي آندو ويندو، اسان بجلي جي قي??تن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آه??ون ۽ قوم جلد نتيجا ڏسندي. هن چيو ته مون کي يقين آه?? ته ڏينهن رات محنت سان اسان پنهنجي شهرين جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحد ٿي پنهنجو سفر جاري رکنداسين، پنهنجي سمورين توانائين ۽ گڏيل ڪوششن سان اسان سڀ هڪ اهڙي ترقي يافته ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪنداسين جنهن جو تصور پاڪستان جي بانين اسان جي ۽ اسان جي نسلن جي لاءِ پيش ڪيو هو.