لاهور -05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر راجه پرويز اشرف چيو آهي، ته يوم استحصال ڪشمير تي والاريل وادي جي ڪشميرين جي جدوجهد کي سلام پيش ڪي??ن ٿو، استحصال باوجود ڪشميرين جي آزادي واري ??دوجهد جاري ??هندي، استحصال ڪشمير جا پنج سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ راجه پرويز اشرف چيو ته ڀارت والاريل وادي جي آئيني سڃاڻپ 5 سال اڳ سازش سان تبديل ڪئي هئي. اڄ به والاريل وادي ۾ 5 لک ڀارتي فوجي موجود آهي. هن چيو ته ڀارتي ظلمن خلاف عالمي برادري ??ي خاموشي فڪر جوڳي آهي. راجه پرويز اشرف چيو ته انساني حق?? جون عالمي تنظيمون ۽ سلامتي ڪائونسل جي صورتحال جو نوٽيس وٺن، پاڪستان ڪشميرين جي اخلا??ي، سفارتي ۽ آئيني جدوجهد جو ساٿ ڏيندو رهندو.