اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي آذربائيجان جي صدر اله??م عليوف 11 کان 12 جولاءِ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو، صدر جي ??فد ۾ دفاع، دفاعي صنعت، اقتصاديات، ڊيجيٽل ڊيولپمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ وارا وزير ۽ نائب پرڏيهي وزير شامل هئا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب صدر عليوف جو وزيراعظم محمد شهباز شريف شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آذربائيجان جي صدر قومي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. آذربائيجان جي صدر اله??م عليوف صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪيون، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۽ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن دائرن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائن جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر اله??م عليوف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ??چ ۾ اسٽريٽجڪ ??صي??اري جو ورجاءُ ڪيو، هن ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ويجهي سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪيه جي ??چ ۾ ٽه ڌريي سربراهي اجلاس جي سطح جي طريقيڪار کي ٽنهي ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات قرار ڏنو. بيان موجب ڌرين ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ توانائي، انفراسٽرڪچر، ??اب??ي ۽ دفاعي صنعت جي شعبن ۾ گڏيل سيڙپڪاري جا منصوبا تيار ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻين معاهدن ۽ پروٽوڪولز کانسواءِ ترجيحي واپاري معاهدي ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ جي تڪميل کانپوءِ ٻنهي ملڪن ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي ??نهنجي ارادي جو اظهار ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي تي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ تعاون جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر اله??م عليوف ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي آذربائيجان جي اصولي موقف ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اله??م عليوف ڌرين جي ??چ ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي ??ادداشتن ت?? صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. بيان موجب قونصلر معاملن، نجڪاري، لنگهه ۽ ترجيحي واپار، قانوني تعاون، معدني وسيلن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ ادب، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، نشريات، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون، سياحت، فضائي خدمتن، جاڙن شهرن ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي انٽرپرائيز جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون جي 15 معاهدن ۽ مفاهمت جي ??ادداشتن ت?? صحيحون ڪيون ويون.