اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. ايڊيشنل پر??يهي سيڪريٽري (ي??رپ) سفير شفقت علي خان پاڪستان جڏهن ته بيلاروس پاران اول نائب پر??يهي وزير سرگئي لوڪا ??يوچ وفد جي قيادت ڪئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين سياسي لاڳاپن، اعليٰ سطح جي مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه، واپار ۽ سيڙپڪاري، فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. پاڪستان بيلاروس لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن ۾ تعاون وڌائڻ ??ي اتفاق ڪيو. ڌرين گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. سفير سرگئي لوڪا ??يوچ پر??يهي سيڪريٽري ??حم?? سائرس سجاد قاضي سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون جي شعبن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پر??يهي سيڪريٽري گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ ??ي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.