اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي 2 کان 3 جولاءِ تائين دوشنبي تاجڪستان جو سرڪاري دورو ڪن??و. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوشنبي ۾ صدر امام علي رحمان، مجلس نمائندگان جي چيئرمين محمد طائر زيور ذوڪر زاده ۽ وزيراعظم قاهر رسول ??اده سان ملاقات ڪن??و. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو دورو پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تاجڪستان جي دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي شع??ن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪن??يون ته جيئن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي علائقائي رابطن، واپار، عوام سان عوام جي رابطن ۽ توانائي سان گڏوگڏ گهڻ رخي معاملن تي تعاون کي سگهه ڏئي سگهجي. وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري جي موقعي تي ڌريون تعاون جي مختلف شع??ن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪن??يون.