راولپنڊي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ا??ارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيرا??ظم جو خاص معاون طارق فاطم?? پڻ وزيرا??ظم سان گڏ آهن. وزيرا??ظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ گڏيل عرب ا??ارات جو هي پهريون دورو آهي. ابوظهبي ۾ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي صدر محمد بن زايد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي. ملاقات ۾ گڏيل عرب ا??ارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيرا??ظم پنهنجي دوري دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو. وزيرا??ظم گڏيل عرب ا??ارات جي اعليٰ حڪومتي عهديدارن ۽ اماراتي ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيرا??ظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي وچ ۾ موجود پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزيرا??ظم جُون اعليٰ اماراتي قيادت ۽ ڪاروباري برادري سان ملاقاتون حڪومت جي سفارتي ڪاميابين ۽ دوست ملڪن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪن ٿيون.