تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تهران جي عالمي هوائي اڏي تي اعليٰ ايراني عملدارن، ايران ۾ مقرر پاڪس??ان جي سفير مدثر ٽيپو ۽ پاڪستاني سفارتي عملي وزيراعظم کي رخصت ڪيو.