بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان چين جي دوري دوران شو گوانگ جي ميئر زائو تيان بائو بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ۾ پاڪستان جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا ۽ انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، زراعت، آءِ ٽي ۽ کاڻين جي کوٽائي جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪا??ي جي مختلف موقعن ??ي روشني وڌي. هن چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ مينوفيڪرچنگ يونٽس لڳائڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ميئر زائو تيان بائو شو گوانگ ۽ پ??ڪستان جي وچ ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ توانائي جي شعبن ۾ لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي عزم ??و اظهار ڪيو.