اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي صدر ??اڪٽر هذال بن حمود العتيبي ۽ ريڪٽر ڊاڪٽر ثمينه ملڪ ملاقات ??ئي. ملاقات ۾ صدر ??ي اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ يونيورس??ي جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي يونيورس??ي جي مجموعي صورتحال ۽ انتظامي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر ثمينه بريفنگ ۾ ٻڌايو ته يونيورسٽي تحقيق ۽ ترقي، جدت ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي فروغ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان (2022ع – 2026ع) تيار ڪيو آهي، اسٽريٽجڪ پلان سان يونيورس??ي جي مالي ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سعودي عرب يونيورس??ي جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ اهم معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، سعودي عرب يونيورسٽي ۾ نئين بلاڪ جي تعمير ۽ جديد تعليمي سهولتن جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. ان موقعي تي صدر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ انٽرنيشنل اسلامي يونيورس??ي جي ڪردار کي ساراهيو. صدر يونيورس??ي جي بهتري لاءِ پنهنجي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي.