اسلام آباد – 18 – اپ??يل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ موسمياتي تبديلين جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن خاص طور تي 2022ع جي ٻوڏ سا?? تباهي کي منهن ڏيڻو پيو، موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ماحول دوست ۽ موسمياتي طور تي پائيدار بن??ادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، اهڙي طرح ماحول دوست ۽ صاف توانائي کي نيشنل انرجي مڪس جو بن??ادي حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي، ماحول دوست توانائي سا?? اقتصادي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا جنهن سا?? توانائي سستي ٿيندي.