اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جي پغامن تي چين، ترڪيه ۽ گڏيل عربامارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي مبارڪباد جي پيغام جو جواب ڏيندي چيو ته هو پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ??يٽ?? جي فليگ شپ منصوبي طور اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جا پڻ ثورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان سي پيڪ مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ چين سان تعاون تي ٻڌل سدا بهار حصيداري جي لاءِ ڪم جاري رکندو. وزيراعظم ??رڪ صدر رجب طيب اردوان جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو تاريخي ٻطرفن لاڳ??پن کي ڀائيچاري ۽ تعاون جي بي مثال سطح تائين وڌائڻ جي لاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ وزيراعظم ??يخ م??مد بن راشد المڪتوم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ م??مد سميت گڏيل عرب امارات جي قيادت جا پڻ انهن جي نيڪ خواهشن ۽ دعائن تي ٿورا مڃيا. هن مبارڪباد جي خط جي لاءِ يو اي اي جي نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ صدارتي عدالت جي چيئرمين شيخ منصور بن زيد النهيان جا پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم ??هباز شريف چيو ته گڏيل عرب امارات جي ڀائراڻي ۽ دورانديش قيادت سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳ??پن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون، گڏيل اعتماد، گڏيل مذهب، تاريخ ۽ ثقافت پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳ??پن جا ٿنڀ آهن.