اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني کي ٽيليفون ڪئي ۽ ايران جي قيادت ۽ عوام ??ار??ن نگران حڪومت ک?? پا??ستان جي 2024ع جي پارلياماني چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي ڀائر عوام ??ار??ن نيڪ خواهشن کي ساراهيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پا??ستان ۽ ايران جي حڪومتن سان گڏوگڏ عوام جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪ??دي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ايراني پرڏيهي وزير جي پا??ستان جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرڪاري مصروفيتون مڪمل طور تي بحال آهن.