اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن ۾ ??وا?? جي فيصلي جي تڪميل جي لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو وي??دو، چونڊيل حڪومت جي لاءِ چئلينج?? به وڏا هوندا، نشريات جي حوالي سان جديد رجحانن بابت سوچڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، پي ٽي وي مقامي زبانن جي بهتر ترجماني ڪئي، نيوز ليٽر جاري ڪرڻ تي پي ٽي وي جي ادارتي ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اها ڳالهه هن پاڪست??ن ٽيليويزن ڪارپوريشن جي نيوز ليٽر جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايم ڊي پي ٽي وي مبشر توقير شاهه ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته هڪ نشرياتي اداري پاران نيوز ليٽر جاري ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته مون صحافت جي شروعات پرنٽ رپورٽنگ سان ڪئي هئي، دي نيوز اخبار جي لانچنگ ٽيم جو حصو هئس جنهن جي پهرين اخبار 11 فيبروري 1991ع تي شايع ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نشريات جي حوالي سان جديد رجحانن بابت سوچڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. جهڙي طريقي سان اسان ڊيجيٽل دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، ان جا چئلينج?? به ايترا ئي وڏا آهن، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، ڊيپ فيڪ، وائيس ڪلوننگ جهڙا وڏا چئلينجز موجود آهن. هن چيو ته پي ٽي وي کي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجيز طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ڊيجيٽل پراڊڪٽس جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نگران دور ۾ پاڪست??ن ٽيليويزن غيرجانبدار قومي نشرياتي اداري طور تي ڪم ڪيو، پي ٽي وي ڪنهن خاص پارٽي، ڪنهن خاص سياسي نظريي ۽ ڪنهن خاص اميدوار جي حق ۾ ڪا مهم نه هلائي. هن چيو ته پاڪستان جي ??وا?? چونڊن ۾ پنهنجو فيصلو ڏنو آهي، ان فيصلي جي تڪميل جي لاءِ جلد قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وي??دو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جيئن ئي سرڪاري نتيجا جاري ڪندي، قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وي??دو. هن چيو ته چونڊيل حڪومت جي لاءِ چئلينج?? به وڏا هوندا. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪست??ن ٽيليويزن جو بنيادي مقصد تبديل نه ٿيندو، پي ٽي وي ??وا?? جي ٽيڪس جي پئسي سان هلي ٿي، پي ٽي وي ??وا??ي مفاد کي نظر ۾ رکندي پروگرام جوڙيا آهن. هن چيو ته پي ٽي وي مقامي زبانن جي بهتر ترجماني ڪئي آهي، پي ٽي وي کي پنهنجو اهو مشن جاري رکڻو آهي. هن چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ ملت??ن ٽيليويزن سينٽر جي 24 ڪلاڪ نشريات شروع ٿي، بلوچستان ۾ پي ٽي وي بولان تي بلوچي ۽ براهوي زبانن سان گڏوگڏ هزارگي زبان ۾ پڻ پروگرام شروع ڪرايا. هن چيو ته پي ٽي وي جتي رياست جي ترجمان آهي اتي ??وا?? ۽ ??وا??ي مفاد جي پڻ ترجمان آهي، اداري جو سٺو مستقبل سٺي ڪارڪردگي سان واڳيل آهي، بهتر ڪارڪردگي، بهترين ٽي وي اسڪرين، بهترين پروگرام ئي ??وا?? جي اعتماد جو سبب بڻجندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير نيوز ليٽر جاري ڪرڻ تي اطلاعات واري سيڪريٽري، ايم ڊي پي ٽي وي، پي ٽي وي انتظاميا ۽ ادارتي ٽيم کي مبارڪباد ڏني.