اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطل??عا??، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطل??عا?? واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سعيد احمد شيخ جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪ??دي چيو ته ماءُ دنيا جي انمول هستيءَ آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي. هن چيو ته والده جو لاڏاڻو اولاد جي لاءِ وڏو سانحو آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سعيد احمد شيخ جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سعيد احمد شيخ جي والده مرحومه جي آخرت جون منزلون آسان فرمائي. مرحومه جي روح کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.