اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واپڊا کي پن بجلي منصوبن جي آمدني مان خيبرپختونخواهه حڪومت کي ادائيگي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادائيگين کي ترجي??ي بنيادن تي يقيني بڻائڻ، خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي ??چ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪرڻ ۽ د??شتگردي جي خاتمي جي حوالي سان صوبي جي ??اءِ مخصوص فنڊز جي ??وري ادائيگي جي ??دايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبرپختونخواهه ۾ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ د??شتگردي جي خلاف جنگ جي شهيدن جي خاندانن جي ڀلائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ن??ران وزيراعظم کي بجلي چوري جي خاتمي جي ??اءِ جاري آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ان حوالي سان صوبائي انتظاميا، بجلي جي ??رڇ ڪندڙ ڪمپنين، واپڊا ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ادارن جي اهلڪارن جي ??دمن کي ساراهيو. اجلاس کي پن بجلي جي ??نصوبن جي آمدني مان خيبرپختونخواهه حڪومت کي ادائيگي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم واپڊا کي هدايت ڪئي ته ان معاملي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادائيگين کي ترجي??ي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه کي پن بجلي منصوبن جي حوالي سان سمورين رهتن جي ادائيگي فوري يقيني بڻائي وڃي ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي ??چ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاق جي ذميواري آهي ته سمورن صوبن ۾ وسيلن جي ??نصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي، وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه سميت سمورن صوبن جي ??اڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائيندي. اجلاس ۾ ن??ران وزيراعظم کي سڄي ملڪ خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۾ جاري پن بجلي جي ??نصوبن ۽ پاڻي ذخيرن جي تعمير تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن ۽ پن بجلي جي ??نصوبن جي تعمير ترجي??ي بنيادن تي مڪمل ڪئي وڃي. پاڪستان کي الله رب العزت پاڻي جي ??سيع وسيلن سان نوازيو آهي جن جو استعمال بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. بهتر آبپاشي ۽ گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي ٺاهڻ جي ??اءِ جاري منصوبن تي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ن??ران وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان خيبرپختونخواهه جي ??اءِ مخصوص فنڊز جي ??وري ادائيگي جي ??اءِ پڻ هدايت ڪئي شهداءِ ويلفيئر فنڊ کي فوري طور تي شهيدن جي گهرڀاتين تائين پهچايو وڃي، شهيدن ملڪ جي بقاءَ ۽ د??اع جي ??اءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته دهشتگردي جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن جا خاندان ه?? قوم جا محسن آهن، انهن جي ڀلائي لاءِ مخصوص رقم جي ادائيگي ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي ??گران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، قبائلي علائقن جي ??عاملن واري وزير عامر عبدالله، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.