اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پا??لي??ماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪ??تا?? ۽ قزاخ??تا?? جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ رياستي ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته رياستي ميڊيا ٻنهي طرفن ڄاڻ تائين پهچ جو اهم ذريعو آهي، پاڪ??تا?? شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن سان گهرا، تاريخي ۽ ثقافتي رابطا قائم رکيا آهن. اها ڳالهه هن پاڪ??تا?? ۾ قزاخ??تا?? جي سفير يرزان ڪسٽافن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻ??ئڻ، عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ پاڪ??تا?? ۽ قزاخ??تا?? ۾ ٻنهي ملڪن جي رياستي ميڊيا ادارن جون آفيسون قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پا??لي??ماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪ??تا?? قزاخ??تا?? سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ رياستي ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪ??تا?? ٻنهي طرفن اطلاعات تائين پهچ جو اهم ذريعو آهن. ملاقات ۾ پاڪ??تا?? جي اطلاعات واري وزارت ۽ قزاخ??تا?? جي اطلاعات ۽ سماجي ترقي واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو. ان ڏس ۾ پاڪ??تا?? ۽ قزاخ??تا?? جي اطلاعات وارن وزيرن جي وچ ۾ زوم ذريعي ميٽنگ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪ??تا?? (اي پي پي) ۽ نيشنل ڪمپني قزاخ انفارميشن ايجنسي جي وچ ۾ 2018ع ۾ ميڊيا تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون هيون. هن چيو ته لاهور مان هڪ ٽيم فلم شوٽنگ جي لاءِ قزاخ??تا?? رواني ٿي رهي آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ طرف اهم قدم آهي. اطلاعات ۽ پا??لي??ماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪ??تا?? شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جو اهم ميمبر آهي، شنگهائي تعاون تنظيم جو ايندڙ اجلاس قزاخ??تا?? ۾ ٿي رهيو آهي، ايس سي او علائقائي ملڪن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جو هڪ متحرڪ پليٽ فارم آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪ??تا?? شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن سان گهرا، تاريخي ۽ ثقافتي رابطا قائم رکيا آهن، اسان جا مفاد ۽ مقصد وسيع پئماني تي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. قزاخ??تا?? جي سفير پاڪ??تا?? جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ قزاخ??تا?? جي اطلاعات ۽ سماجي ترقي واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي لاءِ اطلاعات ۽ پا??لي??ماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي قزاخ??تا?? جي دوري جي دعوت ڏني. هن چيو ته قزاخ??تا?? جو صدر پاڪ??تا?? ۽ پاڪ??تا?? جي عوام سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو، قزاخ??تا?? جو صدر ايندڙ سال پاڪ??تا?? جو دورو ڪندو، سندس اهو دورو واپاري لحاظ ??ان اهميت رکندڙ هوندو جنهن سان ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن جي رياستي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ چاهيون ٿا. قزاخ??تا?? جي سفير چيو ته وچ اوڀر کي گرم پاڻين تائين پهچ جي لاءِ پاڪ??تا?? اهم ملڪ آهي جڏهن ته پاڪ??تا?? جو شهر سيالڪوٽ فٽبال ۽ سرجيڪل اوزارن جي تياري ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. اطلاعات ۽ پا??لي??ماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌيڪ وڌائڻ سميت ويجهي معاشي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.