اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض عملدارن پاران منظم طريقي تي ڪشميرين کي پنهنجي زمينن تان بيدخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي محافظن ۽ سياسي ڪارڪنن جي م??ڪيتن کي سيل ڪرڻ ۽ ضبط ڪرڻ جي م??م ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي ڀارتي عملدارن هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي جي قانون کي استعما?? ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ڪيترين ئي م??ڪيتن کي ضبط ڪيو. ترجمان چيو ته ملڪيتن تي قبضا اختلاف راءِ کي ڪچلڻ ۽ انساني حقن جي محافظن کي ستائڻ جو هڪ ظالماڻو ذريعو آهي، اهو طرزع??ل ۽ اهڙي قسم جي وحشياڻي ڀارتي قدمن کي ختم ٿيڻ ??هرجي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي م??صفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.