اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي ??دايت ڪئي آهي ته ايس آءِ ايف سي ت??ت قدمن تي ڀرپور تعاون ۽ محنت سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن پاڪستان نه رڳو گهٽ ۽ وچولي مدي وارن ثمرن مان فائدو کڻي سگهي پر ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڊگهي مدي وارن قدمن جي راهه پڻ ه??وار ٿئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي جو ستون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نگران ڪابينا جي ميمبرن، نگران صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ حڪومتي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايس آءِ ايف سي ت??ت ملڪ ۾ س??ڙپ??اري جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ??ختلف وزارتن ملڪ ۾ س??ڙپ??اري جي فروغ ۽ مقرر ڪيل هدفن کي ??قت سر حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏني. ڪميٽي ايس آءِ ايف سي ت??ت س??ڙپ??اري جي فروغ لاءِ کنيل مختلف قدمن تي اڳڀرائي کي انتهائي اطمينان جوڳو قرار ڏنو. ڪميٽي ايس آءِ ايف سي ت??ت ملڪ ۾ ٻاهرئين س??ڙپ??اري جي لاءِ دوست ملڪن سان رابطي ۾ تيزي، سرڪاري ۽ نجي ادارن سان تعاون جي قدمن کي ساراهيو. ڪميٽي س??ڙپ??ار برادري سان مختلف قدمن جي حوالي سان موثر طريقي سان رابطو وڌائڻ کي ??ڻ ساراهيو جنهن جي ڪري ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي منصوبن جي حوالي سان اڳڀرائي ۾ تيزي آئي آهي. ڪميٽي ملڪ ۾ س??ڙپ??اري جي فروغ جي قدمن سان گڏوگڏ سيرپڪارن جي اعتماد کي ??ڌائڻ جي پاليسي قدمن جو پڻ جائزو ورتو. انهن پاليسي قدمن ۾ پرڏيهي س??ڙپ??ارن جي منافعي جي منتقلي، ملڪ ۾ ڪاروباري تڪرارن جي حل جي عمل، مواصلاتي بنيادي ڍانچي ۽ افرادي قوت جي عالمي معيار موجب ترقي، ايگزم بئنڪ کي ت??جيحي بنيادن تي فعال بڻائڻ شامل آهي. ڪميٽي ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ س??ڙپ??اري ڪري ان مسئلي جي پائيدار حل جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ڪميٽي خساري جي شڪار سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل جو جائزو ورتو ۽ ان جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪميٽي نجڪاري جي ان عمل کي ??ڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ اهلڪارن کي ??دايت ڪئي ته ايس آءِ ايف سي ت??ت قدمن تي ڀرپور تعاون ۽ محنت سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن پاڪستان نه رڳو گهٽ ۽ وچولي مدي وارن ثمرن مان فائدو کڻي سگهي پر ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڊگهي مدي وارن قدمن جي راهه پڻ ه??وار ٿئي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاڪستان جي پائيدار معاشي بحالي ۾ پاڪ فوج جي حڪومت سان مڪمل تعاون جي عزم جو يقين ڏياريو.