لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ٻڌايو ويو آهي ته شاهدره اماميه ڪالوني فلائي اوور جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ اهو منصوبو ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ تعمي?? هيٺ اماميه ڪالوني شاهدره فلائي اوور جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم کي ان منصوبي جي هيستائين جي ا??ڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لاهور فيصل آباد ريلوي لائين جي مٿ??ن اماميه فلائي اوور ٺاهيو پيو وڃي، شاهدره اماميه ڪالوني فلائي اوور جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. بريفنگ دور??ن اهو به ٻڌايو ويو ته اماميه ڪالوني شاهدره فلائي اوور 18 مهينن جو پراجيڪٽ هو جيڪو پنجاب حڪومت جي تعاون سان ساڍي 6 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، ڊسمبر 2023ع تائين اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم ترقياتي منصوبن جي بهتر اڳڀرائي جي لاءِ پنجاب حڪومت کي ساراهيو.