مدينه منوره – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مسجد نبوي ﷺ ويو جتي هن روضه رسول ﷺ تي حاضري ڀري، رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ دعائون گهريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مسجد نبوي ﷺ جي ڀرپاسي عالمي ميلي ۽ سيرت نبوي ﷺ ۽ اس??امي تهذيب سان لاڳاپيل عجائب گهر جو دورو ڪيو. ??يو??يم جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ناصر مسفيرالزهراني سندس شاندار استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم کي دوري جي موقعي تي تاريخي عجائب گهر بابت جامع بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ نبي آخرالزمان ﷺ جي زندگي ۽ تعليم سان گڏوگڏ اس??امي تهذيب کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم ??يو??يم کي ساراهيندي اس??امي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي نمايان ڪرڻ جي لاءِ ڪيل ڪو??شن کي ساراهيو. ڊاڪٽر ناصر مسفيرالزهراني نگران وزيراعظم کي شيلڊ ۽ ڪتاب پيش ڪيا جيڪو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اس??امي ورثي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ جي رشتي جي علامت آهي. مدينه منوره ۾ عالمي ميلي ۽ ??يو??يم پيغمبر اس??ام حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۽ اس??امي تهذيب نمايان ڪرڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. اهو ??يو??يم نمائشن ۽ ملٽي ميڊيا تي پريزنٽيشنز سان گڏ هڪ عميق تجربو پيش ڪري ٿو ۽ پيغمبر اس??ام حضرت محمد ﷺ بابت تاريخ، اهم واقعن ۽ تعليم تي روشني وجهي ٿو، هن ??يو??يم ۾ م??تلف شعبن ۾ اس??امي تهذيب جي ڪاميابين کي پڻ ڏيکاريو ويو آهي، م??وزيم بين المذاهب مقالمي، افهام تفهيم جي فروغ ۽ متنوع عقيدين ۽ گهرجن جي احترام جي فروغ جو مرڪز آهي.