اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، نقصان ۾ وي??دڙ سرڪاري ڪارپوريشنز جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي تيز تر ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪاري ڊويزن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري، هوابازي واري وفاقي سيڪريٽري، نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم کي فيدرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪاري ڊويزن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن س??ن ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو حڪومتي مشينري جو اهم حصو آهي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس سڌارن جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪن. هن ٽيڪس ڊاڪومينٽيشن جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ رابطو بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته اهڙيون س??ڪاري ڪارپوريشنز جيڪي نقصان ۾ وڃي رهيون آهن انهن جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي تيز تر ڪيو وڃي ۽ سموريون وفاقي وزارتون نجڪاري ڊويزن س??ن مڪمل تعاون ڪن. اجلاس کي ايف بي آر عملدارن پاران ڏني وي??دڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو وي?? ته ايف بي آر حڪومت پاران ڏني وي??دڙ 9415 ارب رپ??ا ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ڪرڻ جي حوالي سان پرعزم آهي، جولاءِ 2023ع جي 534 ارب رپ??ن جي هدف جي مقابلي ۾ 538 ارب جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون وي??ن جڏهن ته آگسٽ 2023ع جي 648 ارب رپ??ن جي هدف جي مقابلي ۾ 669 ارب رپ??ن جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون وي??ن، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح وڌائڻ جي حوالي سان ڊيجيٽل قدمن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي لاءِ ايف بيآر جي ڊيٽابيس کي باقي ادارن س??ن ڳنڍيو پيو وڃي، ايف بي آر 10 لک نئين ٽيڪس ڏيندرن کي سسٽم ۾ آڻڻ جي هدف تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هلندڙ سال هڪ لک 82 هزار نوان ٽيڪس ڏيندڙ سسٽم ۾ شامل ٿيا آهن، پوائنٽ آف سيلز جو دائرو وڌيڪ شهرن ۽ ريٽيلرز تائين ترجيحي بنيادن تي وڌايو پيو وڃي، هن س??ل 20 هزار ريٽيلرز پي او ايس ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو وي?? ته انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم تي پڻ حڪمت عملي ٺاهي پئي وڃي، ڪسٽمز ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي ۽ پاڪستان سنگل ونڊو کي وڌيڪ سرڪاري دارن س??ن ڳنڍيو پيو وڃي. اجلاس کي نجڪاري ڊويزن پاران ڏني وي??دڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو وي?? ته ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن، نجڪاري ڊويزن س??ڪاري ڪارپوريشنز جي ڪارڪردگي ۽ سروس ڊيليوري جي بهتري ۽ ان حوالي سان نجي شعبي جي صلاحيتن جي استعمال ڪرڻ جي لاءِ مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.