اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار ??لح?? ڪاڪڙ موثر حڪمت عملي تحت بلوچستان ۾ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن ا??ا ڳالهه ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪ??دي چئي. نگران وزيراعظم بجيٽ ۽ مصارف ۾ بهتر طريقيڪار تحت توازن کي برقرار رک??دي وسيلن جي مناسب استعمال جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ نگران وڏو وزير، وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان معدنيات جي حوالي سان وسيع صلاحيت رکندڙ آهي جنهن سان ملڪ جي معيشت جي ترقي جي حوالي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته معدنيات سان مالا مال علائقن ۾ مواصلات جي موثر بنيادي ڍانچي جي موجودگي ۾ انهن وسيلن مان موثر طريقي سان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان وزيراعظم کي صو??ي جي جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن بابت بريفگن پڻ ڏني.