اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافي برادري کي پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جي ??اءِ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها ڳالهه پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي)، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس)، پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪس ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (ايمنڊ) جي ??مائندن جي ??فد سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ افضل بٽ، ارشد ا??صاري، ناز آفرين سهگل، سرمد علي، شهاب زبيري، شڪيل مسعود، اعجازالحق، ڪاظم خان، اياز خان ۽ اظهر عباس شامل هئا. صدر ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ، پيمرا قانون ۾ ترميمون متعارف ڪرائڻ تي ميڊيا برادري جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سرڪاري اشتهارن کي اليڪٽرانڪ ميديا ملازمن جي رهتن جي ادائيگي سان ڳنڍڻ سان انهن جي ??سئلن جي حل ۾ مدد ملندي. صدر وفد سان قانونسازي جي ??ختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ترميمي بل م??جوده ميڊيا قانون ۾ بهتري آندي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ميڊيا رضاڪاراڻي طور تي نوجوانن کي فيڪ نيوز، ڊس انفارميشن بابت آگاهه ڪر??، نوجوان فيڪ نيوز سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، ٻارن کي خاص طور تي فيڪ نيوز جي اثرن بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ميڊيا خاص طور تي سينيئر صحافي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين سان رابطا وڌائين، سينيئر صحافي صحافت جي ??يدان ۾ ٿيندڙ نئين اڳڀرائين بابت شاگردن کي آگاهه ڪن. صدر معاشري ۾ مڪالمي ۽ خيالن جي آزاداڻي ڏي وٺ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ميديا جي ??ئين شڪلين خاص طور تي سوشل م??ڊيا جي حرڪيات کي سمجهڻ گهرجي، ميڊيا جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي اخلاقيات، سوشل م??ڊيا جي ذميواراڻي ۽ تعميري استعمال بابت ٻڌائي. وفد صدر کي نئين بل جي ??ختلف شقن بابت ٻڌايو. هن چيو ته ترميمي بل سان صحافي برادري سان گڏوگڏ ميڊيا ملازمن کي فائدو ٿيندو. وفد صدر پاران حمايت، ميڊيا ڪميونٽي کي درپيش مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا.