قصور-06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??يندڙ وزيراعظم محمد ??واز شريف هوندو، هو جلد پاڪستان ايندو ۽ ملڪ جي تقدير بدلائيندو، محمد ??وز شريف سڄي دنيا ۾ ملڪ جو وقار بلند ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قصور ۾ لاهور- قصور – ساهيوال – بهاولنگر موٽر وي، لاهور عبدالحڪيم موٽر وي تي بچيڪي، ننڪانه صاحب روڊ تي راءِ منصب علي خان انٽرچينج ۽ تاري ڳڙهه انٽرچينج جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪند?? ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، ملڪ احمد علي خان، رانا محمد اقبال، راءِ منصب علي خان، رانا برجيس طاهر، ميان معين وٽو، رياض الحق ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته محمد ??واز شريف ملڪ مان اونداهي ختم ڪئي، وزيراعظم چيو ته هو 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ختم ڪري ڇڏيندو، ان کانپوءِ نگران حڪومت ايندي جيڪا چونڊون ڪرائيندي. هن چيوته محمد ??واز شريف وزيراعظم ٿيو ته گڏجي 5 سالن ۾ پاڪستان جون حالتون بدلائينداسين، هن چيو ته ??وام جي سمنڊ کي ڏسي سندس 16 مهينن جي ٿڪاوٽ ختم ٿي وئي آهي، هن چيو ته نوابشاهه ۾ ريل حادثو ٿيو جنهن ۾ 30 ماڻهو فوت ٿيا، 100 زخمي ٿيا آهن، الله فوتين کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي، وزيراعظم چيو ته ??ڄ اوهان کي پنهنجي قائد محمد ??واز شريف جا سلام پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، هي عوامي سمنڊ ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهيو آهي ته ??يندڙ وزيراعظم محمد ??واز شريف هوندو. هن چيو ته ??ڄ اٽڪل 263 ارب روپين جي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، 260 ڪلوميٽر ڊگهي موٽر ??ي ٺهندي ته هن علائقي ۾ خوشحالي ايندي، محمد ??واز شريف هن موٽر وي جو معمار آهي، هن سڄي ملڪ ۾ موٽر وي جو ڄار وڇايو. 2008ع ۾ 20، 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، 2013ع کان 2018ع جي وچ ڌاري بجلي سان اونداهيون ختم ٿيون، محمد ??واز شريف جي دور ۾ سي پيڪ ذريعي پاڪستان ۾ 30 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي، لکن جي تعداد ۾ نوجوانن کي ميرٽ تي ليپ ٽاپس مليا، مون تي الزام لڳي ٿو ته ليپ ٽاپس ذريعي نوجوانن کي رشوت ڏئي رهيو آهيان، نوجوانن کي ليپ ٽاپس نه ڏيان ته ڇا ڪلاشنڪوف ڏئي ڇڏيان؟ وزيراعظم چيو ته ??اسو ۽ ديامرڀاشا ڊيم تعمير هيٺ آهن، هن چيو ته محمد ??واز شريف پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، 5 ڌماڪن جي ڀيٽ ۾ 6 ڌماڪا ڪري ڀارت جا ڏند کٽا ڪيا، 5 ٽيليفون ڪالون آيون ۽ چيو ويو ته ??يٽمي ڌماڪو نه ڪريو، 5 ارب ڊالر وٺو، ان وقت جا 5 ارب ڊالر اڄ جا 15 ارب ڊالر بڻجن ٿا، محمد ??واز شريف جواب ۾ چيو ته مون کي پاڪستان جي بقاءُ عزيز آهي.